اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن، ??ئس?? جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي قومي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعليم سان اسان کي حقوق العباد، حقوق الله ۽ ن??اتات جي حقن جو درس ملي ٿو، انهن نعمتن جي قدر ڪرڻ جي ضرورت ??هي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، آلودگي ۽ ماحول کي متاثر ڪندڙ ٻين عملن سان منفي اثر پيدا ٿين ٿا جنهن جو نتيجو ڪڏهن اسان ٻوڏ، ڪڏهن زلزلي يا ڪڏهن ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته ??ئس?? جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود گذريل سال ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسان کي موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۽ منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين کي موسمياتي تبديلي جي مسئلي جي حل کي پنهنجي ترجي?? بڻائڻو پوندو، سرڪاري ادارن ۽ ٻين رياستي ادارن کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت ??هي اسان ته ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين پر جيستائين وسيلن جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ٻين قدمن جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.