اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي موجوده دور جي گهرجن ۽ معيشت جي ضرورتن سان هم آهنگ ??رڻ ۽ فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفا متعارف ڪرائڻ، ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن کي وظيفن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ، تحقيق جي لاءِ فنڊز فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ تربيت يافته افرادي قوت خاص طور تي نرسنگ جي شعبي ۾ تربيتي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حوا??ي سان ??جلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي صورتحال، شاگردن جي لاءِ وظيفن، ملڪ جي يونيورسٽين جي صورتحال ۽ ٻين معاملن جي حوا??ي سان ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم ملڪي تعليمي شعبي جي موجوده انگن اکرن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جا تسليم ٿيل 259 اعليٰ تعليمي ادارا آهن. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان ۾ عالمي معيار جي يونيورسٽين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ پليجرزم جي خاتمي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي جي حوا??ي سان ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين پي ايڇ ڊي جا 20 هزار کان وڌيڪ وظيفا فراهم ڪيا ويا آهن. نگران وزيراعظم کي اجلاس ۾ قومي ۽ عالمي وظيفن جي حوا??ي سان ??ريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفن جي ترويج جي هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي سرڪاري وظيفن جي ذريعي ايندڙ نتيجن جي حوا??ي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ??رڻ جي پڻ هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي رقم جاري ??رڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي جي هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي انساني ۽ فني وسيلن جي ترقي لاءِ اسان کي ملڪ ۾ سائنس ۽ انجنيئرنگ جهڙن مضمونن ۾ وظيفن کي فروغ ڏيڻو پوندو. نگران وزيراعظم کي اڪيڊميز ۽ ملڪي صنعت جي وچ ۾ حصيداري جي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي آءِ ٽي ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري کان ??حقيق جي فنڊنگ ڪرائڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم صوبن ۾ تعليمي شعبي جا مالي مسئلا حل ??رڻ جي حوا??ي سان ??مورن صوبائي عملدارن جو اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ عوام ۾ عالمي معيار جي تعليم مهيا ??رڻ لازمي آهي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ هنرمند افرادي قوت خاص طور تي نرسن جي لاءِ تربيتي پروگرام جوڙڻ جي پڻ هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ??ي افرادي قوت اسان ??و تمام وڏو اثاثو آهي ۽ تربيت يافته افرادي قوت جي ذريعي اسان ??المي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهون ٿا. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ، جديد ترين سپر ڪمپيوٽرز جو استعمال ۽ ٻيا پروگرام سرفهرست آهن. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي وزير، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين، سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.