بيجنگ – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چي?? آهي ته ورلڊ ميڊيا سمٽ ميڊيا جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهي. هن چي??ي خابرو اداري شنهوا کي ڏنل خصوصي انٽرويو دوران ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهو سربراهي اجلاس شرڪت ڪندڙن کي ثقافتي مٽاسٽا، صحافتي مواد جي هڪ ٻئي کي فراهمي، هڪ ٻئي جي زبانن کي سمجهڻ ۾ مدد، گڏيل قدمن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ عالمي مسئلن جي گڏيل ڪوريج جهڙن شعبن ۾ تعاون جا موقعا فرا??م ڪندو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چي?? ته هي سربراهي اجلاس ميڊيا ادارن جي لاءِ هڪ ٻئي کان سکڻ، موقعا حاصل ڪرڻ ۽ ميڊيا جي ارتقا پذير شعبي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قابل قدر پليٽ فارم آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي اي پي پي ۽ شنهوا جي وچ ۾ گڏيل اڳڀرائي ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چي?? ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ادارن جي موقف جي لاءِ هڪ وسيع پليٽ فارم فراهم ۽ وڌيڪ جامع عالمي مڪالمي کي فروغ ڏئي س??هي ٿو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ٻنهي ميڊيا ايجنسين جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو جنهن جي شروعات 1964ع ۾ ميڊيا تعاون جي هڪ ڪاميابي مثال طور تي ٿي هئي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ورلڊ ميڊيا سمٽ (ڊبليو ايم ايس) ٻنهي ادارن جي ح??يد??ري کي مضبوط بڻائيندو ۽ انهن جي لاءِ نئين قدمن جي راهه هموار ڪندو. اي پي پي جي ايم ڊي ميڊيا خاص طور تي ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي وڌندڙ اثررسوخ جو اعتراف ڪندي ڪوڙي ۽ غيرمستنند خبرن جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.