اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چئلينجنگ عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان کي علائقائي ام?? کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحرڪ فڪري انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا کي هن وقت محبت، همدرديءَ ۽ معافي جو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، غزه جي صورتحال دنيا جي بي حسي جي ڳڻتي جوڳي علامت آهي جيڪا عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم ماڻهن جي قتل عام کي نه روڪي سگهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آبادس (آءِ ايس ايس آءِٰ) جي اهتمام هيٺ اسلام آباد ڪانڪليو 2023ع جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چي?? ته پاڪستان کي سپر پاورز جي دشمنين ۽ پاڙيسري رياستن جي مداخلت جي ڏس ۾ شعوري طور تي پنهنجي ويزن کي ٻيهر دريافت ڪرڻو پوندو، هن ان سلسلي ۾ سياست??ان?? ۽ پارليامينٽ ميمبرن، پرڏيهي وزارت ۽ دف??ع واري وزارت جي وچ ۾ موثر ڳالهه ٻولهه ۽ پاليسي سازي جي لاءِ ويجهي رابطي تي زور ڏنو. صدر چي?? ته پاڪستان جي جاگرافيائي سياست کان جيڪو اڪنامڪ طرف اسٽريٽجڪ تبديلي ۽ ڀارت جي جارحيت جي ڏس ۾ پاليسين جي ضرورت آهي. هن چي?? ته اڄ مهذب دنيا اخلاقيات جي اصولن کي وساري چڪي آهي ۽ طاقتور پاران ڪمزور طبقن جي خلاف ٿيندڙ جنگين جو مشاهدو ڪري رهي آهي. هن چي?? ته غزه جي صورتحال دنيا جي بي حسي جي ڳڻتي جوڳي علامت آهي جيڪا عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم ماڻهن جي قتل عام کي روڪي ناهي سگهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته غزه ۾ ٿيندڙ فوتگين جون دل ڏکوئيندڙ تصويرون به عالمي ضمير کي جهنجهوڙي نه ٿيون سگهن. صدر ياد ڏياري?? ته ڪيترائي ڏهاڪا اڳ يورپ ۾ جنگ سان ٿيندڙ قتل عام کانپوءِ دنيا ۾ ام?? معاهدن سان گڏوگڏ ليگ آف دي نيشنز ۽ گڏيل قومن جهڙا ادارا وجود ۾ آيا، هن نشاندهي ڪئي ته هاڻي مذهبي دنيا پاران ڪيل جنگين کانپوءِ سکيل سبق جي طور تي ٺاهيل هر اصول کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ڪجهه رياستن کي ويٽو پاور جو حق ڏيڻ حقيقت ۾ ذاتي مفادن آڏو جهُڪاڻ ۾ ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان جي پهرين ناڪامي آهي، جنگ ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي. هن جنگين جي حمايت ڪندڙ جمهوري ملڪن جي موقف تي مايوسي جو اظهار ڪندي چي?? ته اخلاقيات کي انساني سوچ جو محور هجڻ گهرجي، دنيا کي هن وقت محبت، همدرديءَ ۽ معافي جي موقف جي سخت ض??ورت آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي موجوده سياسي منظرنامي ۾ معافي ۽ همدرديءَ جي جذبي جي کوٽ آهي، قومون انهن عملن جي بنياد تي ترقي ڪنديون آهن. صدر چي?? ته تڪرارن کانسواءِ دنيا کي ام??گريشن جي مسئلن ۽ ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ تڪرارن، وڌندڙ غربت، مصنوعي ذهانت، ائٽمي هٿيارن جي تياري ۽ ماحولياتي تبديلي سميت ڪيترائي خطرا درپيش آهن. ڊاڪٽر عارف علوي ڪميونٽيز کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ برابر موقعا فراهم ڪندي سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چي?? ته حقيقي ترقي دولت جي منصفاڻي ورڇ، پٺتي پيل ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان واڳيل آهي. صدر هڪ اهم ٿنڪ ٽينڪ طور انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي تعاون کي ساراهيو جنهن قومي، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن کي اجاگر ڪيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس ايس آءِ ايمبيسڊر سهيل محمود ان موقعي تي خطاب ڪندي چي?? ته آءِ ايس ايس آءِ ريسرچ ۽ پاليسي ڪميونٽي کي هڪ ڊائيلاگ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان جي لاءِ اڳتي وڌڻ جي رستي جي ڳولا ڪرڻ آهي. هن چي?? ته انهن ٻن ڏينهن واري ايونٽ ۾ بدلجندڙ علائقائي منظرنامي، علائقائي صورتحال، ڏکئي جيو – پاليٽڪس، جيو انڪامڪس، جامع سيڪيورٽي ۽ اڀرندڙ عالمي نظام ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي سيشنز ٿيندا.