اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين جو حصو بڻجڻ ۾ مدد ڪرڻ جي ل??ءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي ته اهي ??عا??ري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ وِد پرسنز وِد ڊِس ايبلٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها رياست ۽ ??عا??ري جي گڏيل ذميواري آهي ته خصوصي ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. ثمينه عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪ جي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آهن جڏهن ته انهن جي ??عا??ري ۽ عوامي سطح تي نمائندگي جي کوٽ آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته معذوري بابت منفي روين جي ڪري خاندانن پنهنجي اهڙن ماڻهن کي گهرن تائين محدود رکيو ۽ انهن جي ٻاهرئين سرگرمين کان پاسو ڪن ٿا. ان کانسواءِ عوامي عمارتن ۽ پارڪن ۾ ريمپس جهڙي بنيادي ڍانچي جي کوٽ پڻ معذور ماڻهن جي چرپر کي محدود ڪري ٿي. ثمينه عارف علوي ??عا??ري ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ مرڪزي ڌارا جي اسڪولن ۾ اهڙن شاگردن کي تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو. هن استادن جي تربيت ۽ ??عا??ري کي حساس بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيڪڏهن خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن سميت و??يع موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي ??عا??ري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان خصوصي ماڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ جامع آگاهي مهم هلائي وئي آهي، ان مهم کي غيرسرڪاري تنظيمن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ميڊيا جي حمايت حاصل رهي آهي. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي کاتن بشمول بئنڪن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ويلفيئر فائونڊيشنز تي زور ڏنو ته اهي خصوصي ماڻهن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ل??ءِ ٺوس پاليسيون جو اختيار ڪن. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت ۽ بئنڪون خصوصي ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ انهن کي آسان قرض ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ اهڙن شاگردن کي وظيفن ۽ فيسز ۾ ڇوٽ ڏئي رهي آهي. ثمينه علوي سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ مخصوص ڪوٽا کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ نجي شعبي تي به زور ڏنو ته اهي ان جي پيروي ڪن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اين او ڊبليو پي ڊي پي اهڙن ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر تي ٻڌل تربيت ڏئي رهيو آهي ۽ انهن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.