اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پا??ست??ن چيو آهي ته اسان جو خطو ??لڪ جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مرڪز آهي، پا??ست??ن سدائين هڪ پرامن، خوشحال، مستحڪم ۽ ڳنڍيل افغانستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته جيئن افغانستان اسان جي خطي جي لاءِ واپاري ۽ توانائي جي رابطي جي رستي جي طور تي اڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پا??ست??ن هلندڙ سال افغانستان ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اجلاسن ۽ مڪينزم ۾ شرڪت ڪئي، پا??ست??ن افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشغوليت جي لاءِ پڻ پرعزم آهي ڇو ته ٻئي ملڪ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون جون راهون ڳولي رهيا آهن. هن چيو ته اسان سيڪيورٽي ۽ ب??رڊ?? مئنيجمي??ٽ سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ افغان عملدارن سان رابطي ۾ آهيون. ترجمان چيو ته هلندڙ سال پا??ست??ن ايران لاڳاپن ۾ هڪ اهم سال هو. هن چيو ته مئي 2023ع ۾ ٻنهي ملڪن مند ?? پشين ب??رڊ?? مارڪيٽ پليس ۽ 220 ڪي وي پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين منصوبن جو افتتاح ڪيو، ٻنهي ملڪن ٻطرفي اقتصادي مشاورت کي اداراجاتي بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ جون ۾ پنج سالا اسٽريٽجڪ واپاري تعاون جي منصوبي (2023- 28) تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپار جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اسان جي ويزن جي تعميل ۾ پا??ست??ن وچ ايشيا جي ملڪن سان به پنهنجي مضبوط رابطن کي جاري رکيو جڏهن ته اي سي او جي ڏس ۾ پا??ست??ن واپار، چرپر، رابطي، توانائي، سياحت ۽ اقتصادي ترقي ۽ پيداوار ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏنو.