واشنگٽن-02 جنوري (اي پ?? پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄاون آمريڪي واپارين کي ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ڪيليفورنيا ۾ قائم پاڪستان آمريڪن چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين وقار علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ ورچوئل ميٽنگ دوران چيو ته اسان جي اولين ترجيح پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ?? پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ آهي. موجوده حڪومت مالياتي ادارن کي ملڪي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پُرڪشش مراعتون به ڏئي رهي آهي. هن چيو ته نئين قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ منافعي بخش ڪاروبار شروع ڪرڻ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن واپاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ?? ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي ڪردار کي ساراهيندي پاڪ- آمريڪا واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۾ قائم ڪندڙ مختلف چيمبرز ۽ واپاري تنظيمن وچ ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو.