برسلز – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يورپي پارليامينٽ جي ڏکڻ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپن واري ??فد جي سربراهه نڪولا پروڪاسيني سان م??اقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران هن جاگرافيائي سياست جي اڀرندڙ رجحانن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڳيتو مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پاڪستان يورپي يونين جي پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.