اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرور?? جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نئين چونڊيل وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا جي شر??ت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ۾ نئين چونڊيل حڪومت جو روڊ ميپ واضح ڪيو. وزيراعظم نئين چونڊيل ڪابينا ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا صوبائي حڪومتن سان گڏجي کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. هن چيو ته ضرور?? جي شين جي قيمتن ?? غيرضروري اضافي ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزار?? جي سفارش تي ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي هڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها پابندي رمضان المبار?? جي مهيني دوران ڪيلي ۽ بصر جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقد??ر ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هنئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزار?? جي سفارش تي نيدرلينڊ جي شهري محمد اورنگزيب جي پاڪستاني شهريت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا منشيا?? جي خاتمي واري وزار?? جي سفارش تي ميجر جنرل عبدالمعيد هلال امتياز ملٽري جي بطور ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس مقرر جي منظوري ڏئي ڇڏي.