اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن متفقا طور سني اتحاد ڪونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چو??ڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان چيئرمين سڪندر سلطان راجا ۽ چئني ميمبرن طرفان متفقا طور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چو??ڊون 8 فيبروري تي ٿي چڪيون آهن ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيو?? ويون هجن ته عام چو??ڊن جي 30 ڏينهن اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ان جي چو??ڊ ڪرڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن پهرين مارچ تي صدر جي چو??ڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي اليڪشن ٿي رهيو آهي. ان جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طرفان چو??ڊ ڪالج مڪمل نه هجڻ جي موقف سان چو??ڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي جڏهن ته هن طرفان چو??ڊ ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو، هن وقت قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليون فعال آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چو??ڊ پڻ ٿي چڪي آهي. ان ڪري اليڪشن ڪميشن متفقا طور تي محمود خان اچڪزئي طرفان صدارتي چو??ڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.