اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو ۽ هر فورم تي انهن جي ??اء?? آواز بلند ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد ج??اد ربيع سان ڳالها??ين??ي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صدر آصف علي زرداري کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن غزه جي پٽيءَ ۾ بيگناهه فلسطينين جي خلاف اسرائيلي فوج جي ظلمن ۽ دهشتگردي تي روشني وڌي. فلسطيني سفير سان ڳالها??ين??ي صدر فلسطيني عوام جي بهادري ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف ڊگهي جدوجهد کي ساراهيو. صدر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سمورين رڪاوٽن کي هٽائي ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ فلسطيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻا??ين??ي غ??ه ۾ انساني امداد ج?? آزاداڻي پهچ جي ??اء?? ڪوششون ڪري. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي ??اء?? خوراڪ ۽ دوائن سميت اضافي امدادي سامان موڪليندو. فلسطيني سفير تعليم جي شعبي ۾ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني پاڪستان جي تعليمي ادارن مان مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. هن فلسطيني صدر محمود عباس جو سلام پڻ پيش ڪيو ۽ فلسطيني عوام سان مسلسل حمايت ۽ يڪجهتي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.