اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ ??شميرين جي ??لڪيتن تي حملو ڪرڻ ۽ ا??هن کي قبضي ۾ وٺڻ جي جاري ڀارتي مهم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پاران سخ?? بيان ۽ استعماري حڪمت عملي ڪشميرين جي آزادي جي عزم کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ ا??هن قدمن جا مستقبل ۾ به اهڙا ئي نتيجا نڪرندا. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي ??اڪست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير جي ??ختلف حصن ۾ تازو ئي شديد برساتن، ٻوڏ ريلن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ??تيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ترجمان انهن آفتن جي ??تاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي ??غفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي اسلامي تعاون تنظيم جي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۽ ا?? آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي ??اءِ گيمبيا جي جاري دوري کان ميڊيا کي آگاهه ڪندي چيو ته سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پاڪستان اجلاس دوران ڪشميرين جي خودمختيار جي حق، مسلمان امت جي ??ڪجهتي ۽ اتحاد جي ضرورت، وڌندڙ اسلامو فوبيا، ماحولياتي تبديلي جي ??سئلن، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز سميت ٻيا مسئلا اٿاريندو.