اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني ??در ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب وقتي ??در جو ايراني ??در جي شهادت تي پاڪستاني حڪومت ۽ ع??ام پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موق??ي تي صحافين سا?? ڳالهائيندي وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايراني ??در جي شهادت تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آه??ون?? ايراني ??در جي شهادت اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي، ??در ابراهيم رئيسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستان جو عظيم دوست هو، ??در ابراهيم رئيسي جي شهادت سان مسلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيو ئي آهي. وقتي ??در پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان سان لاڳاپن جو فروغ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي، ايران جي سپريم ليڊر پاڪستان سان لاڳاپن جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم ??در رئيسي جو پاڪستان جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني ع??ام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني ع??ام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.