تهران – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي دوري دوران مرحوم ايراني صد?? ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب ۾ تاجڪستان جي صد?? امام علي رحمان سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صد?? ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير سميت هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي تعزيت لاءِ ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ويو. ان موقعي تي وزيراعظم جي تاجڪستان جي صد?? امام علي رحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچس??ي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيراعظم علي اسدوو پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم باڪو ۾ ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچس??ي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ترڪيه جي نائب صد?? جودت يلماز ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچس??ي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وزيراعظم ترڪ صد?? رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر جي مقرر ڪيل انتظامي اسيمبلي ”مجمع تشخيص مصلحت نظام“ جي ميمبر احمدي نزاد سان پڻ ملاقات ڪئي.