اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري م??مد سائرس سجاد قاضي جي دعوت تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آ??ي. ??ها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتن ۾ پنهنجي دور ۾ کنيل قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت خيالن ??ي ڏي وٺ ڪندو. سيڪريٽري جنرل نوزيري 24 کان 26 جولاءِ تائين پنهنجي پاڪستان جي الوداعي دوري تي آهي، هو ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري رهيو آ??ي. ??رجمان چيو ته ايندڙ مهيني کان پاڪستان جو اڳوڻ?? پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽن سالن ??ي م??ي لاءِ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀاليندو، سندس مقرري جي وزيرن واري ڪائونسل منظوري ڏني آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن سال مئي ۾ جاري ڪيو ويو هو.