اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي ڪنوينر غلام محمد صفي وفد سان گڏ ڪي پي ڪي هائوس جو دورو ڪيو ۽ يوم استحصال جي حوالي سان پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ج?? مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هتي جاري بيان مطابق ڪي پي ڪي هائوس آمد تي حريت ڪانفرنس جي وفد ج?? شاندار استقبال ڪيو ويو. غلام محمد صفي سميت جنرل سيڪريٽري پرويز احمد ايڊووڪيٽ، سيڪريٽري اطلاعات مشتاق احمد بٽ، سيد فيض نقشبندي، اعجاز رحماني، راجا خادم حسين، حسن البنا، محمد اشرف ڊار، زاهد مشتاق ۽ ٻين اسلام آباد ۾ ڪي پي ڪي هائوس جو دورو ڪيو. ملاقات ۾ ڪنوينر غلام محمد صفي ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀا???? طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جي رد ٿيڻ جتي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ??ال??ي اصولن جي خلاف ورزي آهي اتي ??ال??ي برادري لاءِ کُليل چئلينج به آهي.ڇاڪاڻ ته ڪشمير مسئلو هڪ مڃيل ??ال??ي تڪرار آهي ۽ ڀا??ت ان جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪشميري ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ ??ال??ي دنيا ان ڏينهن کي يوم سوڳ طور ملهائيندا. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ڪشمير م ڀا???? طرفان جاري ظلم ۽ ڏاڍ، ق??ل ۽ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته اسان ڀا??تي وزيراعظم نريندر مودي طرفان کنيل سمورن غيرقانوني ۽ غير آئيني قدمن جي شديد مذمت ڪيون ٿا. اسان والاريل ڪشمير جي عوام جي حق تي ٻڌل خوداراديت واري حق جي جدوجهد سان گڏ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين ۽ حريت وفد کي يقين ڏياريو ته ڀا??ت کان آزادي جي ان جدوجهد ۾ پي ٽي آءِ پاڪستان ۽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اوهان سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ قيادت 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير ڀرپور طريقي سان ملهائيندي.