اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ پهچ نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ بورڊ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، اسلام آب??د اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، فيصل آب??د اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ هزاره اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا نوان ??قرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم ڊسڪوز بورڊز جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن مقررين جي عمل کي انت??ائ?? شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ تي پاور واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته توهان کي قومي خدمت جو موقعو مليو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته توهان ??نهنجي ذميواري پوري خوش اسلوبي سان ??ڀائيندا. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سٺن ماڻهن جي مقرري ٿي جن کي پنهنجي شعبي تي عبور حاصل آهي، نيون مقرريون توانائي جي شعبي جي سڌارن طرف پهريون قدم آهي، بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن. وزيراعظم چيو ته ڊسڪوز ۾ گورننس جي کوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڊيجيٽائ??زي??ن ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجون ڪسٽمر سروسز بهتر بڻائين. هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي وارن آفيسرن جي پذيرائي ڪئي ويندي ۽ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن کان ??ڇاڻو ڪيو ويندو. ان ??وقعي تي بريفنگ دوران ??ڌايو ويو ته ايس او اي ايڪٽ تحت بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي پاليسي سازي ۾ خودمختياري حاصل آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان ??غاري، وزيراعظم جو پاور وارو خاص معاون محمد علي، وزيراعظم جو ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.