اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري ??فاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو آهي ته اسان جي نئين نسل پاڪستاني ثقافت ۽ ان جي خوبصورتي کان چڱي ريت آگاهه آهي، اسان هڪ باصلاحيت قوم جي حيثيت سان هر ميدان ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪنداسين. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هي?? آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري ??مائش ۾ شامل شاگردن جي تيار ڪيل تصويرن ۽ پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پاران ان فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش ۾ شرڪت نئين نسل جو پنهنجي ملڪ سان وابستگي جو اظهار آهي. انهن تصويرن ۽ پينٽنگز ۾ ملڪ ۽ ق??م جي ثقافت جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن خاص طور تي شاگردن جي محنت ۽ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اطلاعات ۽ ن??ريات واري ??زارت هر سال آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اهڙي طرح جا پروگرام منعقد ڪندي آهي. هن 14 آگسٽ جي موقعي تي ان شاندار نمائش منعقد ڪرڻ تي شاگردن، استادن ۽ اطلاعات ۽ ن??ريات واري ??زارت کي مبارڪباد ڏني. عنبرين جان ملڪ جي آزادي جي لاءِ بزرگن جي قربانين تي پڻ روشني وڌي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هي?? منعقد نمائش ۾ ڪوڪنگ، موسيقي، تاريخي عمارتن، لباس ۽ تصويرن سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي ثقافت کي پيش ڪيو وي??. ن??ائش ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن پاران ملڪ جي مختلف ثقافتي سرگرمين جي عڪاسي ڪندڙ پينٽنگز پڻ پيش ڪيون ويون. اهڙي طرح فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي اسڪولز جي شاگردن جي ٺاهيل پينٽنگز کي پڻ نمائش ۾ رکيو وي??. ن??ائش ۾ پاڪستان جي خوبصورت منظرن، ڍنڍن ۽ تاريخي عمارتن جون تصويرون ڏيکاريون ويون جن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪي??. ن??ائش جي شرڪت ڪندڙن يونيورسٽي جي شاگردن پاران ملڪ جي ثقافت کي شاندار پينٽنگز جي ذريعي پيش ڪرڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.