اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا آهن. هن چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جي تعمير ڪري سگهون ٿا. گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وزي??اع??م شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ وزي??اع??م پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جو ڀائيچارو زندهه آباد. گڏيل عرب امارات جي وزي??اع??م آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام ??ي مبارڪباد ??ين??ي ٻطرفي تعاون ??ي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ملڪ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.