اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽري کي چيو ??هي ته اسلام آباد پوليس ??ي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبرن لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي قانون بابت صلاحڪار ??حم?? مشتاق طرفان گهرو سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ قومي اسيمبلي جي قاعدن، ضابطن ۽ طريقيڪار 2007ع جي قاعدي 108 جي ذيلي قاعدي 3 جو حوالو ڏيندي چيو ويو ??هي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي طرفان 11 سيپٽمبر 2024ع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پوليس ??ي حراست هيٺ 10 قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، اسپيڪر جي خواهش ??هي ته شير افضل خان، ملڪ عامر ڊوگر، ??حم?? احمد چٺا، مخدوم زين حسين قريشي، وقاص اڪرم، زبير خان وزير، اويس ??يدر، سيد شاهه احد علي شاهه، نسيم علي شاهه ۽ يوسف خان لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.