اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن ??اب?? سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر تي جڏهن اسان بزرگ شهرين جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، ته اسان کي اهو موقعو غن??مت سمجهڻ گهرجي، پنهنجن بز??گن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ جو عهد ٻيهر ورجائڻ گهرجي، اچو اسان پنهنجن بز??گن جي لازوال خدمتن جو اعتراف ڪريون، سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي عزم کي تازو ڪريون، اسا?? جي بزرگ شهري?? جي قيمتي تجربن ۽ انمول بصيرت نه صرف اسا?? جي معاشري لاءِ اهم آهي پر ان قوم کي درپيش چئلينجن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. بزرگ شهري?? جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ان پسِ منظر ۾ انساني حقن واري وزارت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ته بز??گن جي حق?? جي تحفظ لاءِ قانوني ڍانچي ۽ سماجي پاليسين کي مضبوط بڻايو وڃي، اسا?? جي ڪوشش جو محور بنيادي خدمتن تائين رسائي، شعور اج??گر ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ آهي جيڪو بز??گن جي فعال شرڪت جي همت افزائي ڪندو هجي، اڄ جي پيچيده مسئلن کي حل ڪندي اسان ان ڳالهه جو خيال رکون ته اسان جا بزرگ معاشرتي ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه انهن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبن وچ ۾ سهڪار ضروري آهي ته جيئن اسان جا بزرگ شهري پاڻ کي محفوظ ۽ قابل قدر محسوس ڪن. اها اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي ته انه?? جي ضرورتن جو خيال رکون ۽ کين معاشري جو اهم حصو سمجهون. اچو گڏجي پنهنجي بزرگ شهرين جو احترام ڪريون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته سندن عزت ۽ سارسنڀال لهون جنهن جا هو حقدار آهن.