اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته آءِ پي پيز جي مسئلي کي خوش اس??وبيءَ سان ح?? ڪيو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻٽر آهن، مستقبل جي توانائيءَ جي ض??ورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهتر منص??با بندي ڪري رهيا آهيون. گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته توانائيءَ جو شعبو معيشت جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان لاءِ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي نظام کي وقت جي ض??ورت سمجهندي جديد رُخن تي آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ 17 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي. لائن لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوريز ۾ بهتريءَ لاءِ وڌيڪ فعال حڪمت عملي اپنائڻ جي ض??ورت آهي. حڪومت ان ح??الي سان به سڌارا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي بنيادي سببن ۾ بهتر منص??با بنديءَ جو فقدان، گردشي قرضن جو بار ۽ صارفين تي بلند وياج جي شرح آهي.