اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ا??وڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم ووبانگوو جي اوچتو لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي اي??س اڪائونٽ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آنجهاني ووبانگوو سي پي سي جو قابل اڳوا?? ۽ ??اڪستان جو سچو دوست هو جنهن گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسانجون همدرديون آنجهاني خاندان ۽ چيني عوام سان گڏ آهن.