اسلام آباد -15 آ??ٽو??ر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن ??ي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چ??نڪو گذريل ڏينهن ??سلام آباد پهچي ويو آهي. نور خان ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي ل??اس?? پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خير سگالي جون ڳالهيون به ٿيون. بيلاروس جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو. واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا نمائندا اڳ ئي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن جي آجيان لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جا جهنڊا به لڳايا ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.