اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي وزيراعظم ڪُهر رسول زاده ٻطرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي مو??ب شنگهائي تعاون ??نظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او، سي ايڇ جي جي سالياني اجلاس ۾ تاجڪستان جي فعال ۽ تعم??ري شرڪت کي ساراهيندي چيو ته بطور ڀائر ملڪن ۽ علائقائي حصيدار، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون ??و پائيدار رشتو آهي. وزيراعظم هلندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي نتيجاخيز دوري جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ طرف اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي ش??بن ۾ ويجهي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاجڪ وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون ??نظيم جي چيئر جي حيثيت سان پاڪستان پاران اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ وفد ۽ ٻين شريڪ وفدن جي ش??ندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿور?? مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي ڪوهر رسول زاده چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ??ي وسيع صلاحيت مو??ود آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ تاجڪستان، پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. تاجڪ وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جا تاجڪستان کي پاڪستان مان کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت تي ٿور?? مڃيا ۽ چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيندو.