اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي تازن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران گ??ريل ??ين??ن جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت جي تازن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي، اسرائيل جي انهن قدمن جي شديد مذمت ڪيون ٿا. هن ??يو ته اهڙي طرح جي قدمن سان نه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي پر هي ڪارروائي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي اصولن جي به ڀڃڪڙي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان امن قا??م ڪرڻ لاءِ ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته هو وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ تحمل کان ڪم وٺن.