اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي معاشري جي ترقيءَ جو راز آهي، اڄ اُسرندڙ ملڪ اُهي ئي آهن جن سڀ کان پهرين پنهنجي نصاب کي ريفارم ڪيو، ڊجيٽل تعلي?? کي هٿي ڏني آهي ته جيئن ڪوبه ٻار پوئتي نه رهجي، مستقبل کي سنوارڻ لاءِ موجوده تعليمي نصاب جو جائزو وٺي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي کي ان ۾ شامل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل نصاب سمٽ 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته صوبن، سمورين ڌُرين، ڊولپمينٽ پارٽنرز ۽ نصاب جي ماهرن ??ان گڏ 6 مهينن اندر نصاب جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو. 18-2013ع ۾ ا??ان جي حڪومت هئي، ان وقت منصوبا بندي وزارت چار منصوبا تعليم واري وزارت کان گُهريا هئا. هن چيو ته تعليم ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي معاشري جي ترقيءَ جو راز آهي، هن دؤر ۾ علم جي طاقت ترقيءَ جي ضمانت آهي، ان دؤر ۾ ڪوبه ملڪ تعميراتي ڪم ۾، پل بڻائڻ، انفراسٽرڪچر ??ان نه پر اعليٰ صلاحيت جي تعليم يافته شهرين ??ان ترقي ڪندو، اهي اعليٰ ذهن رکندڙ ملڪ کي بلندين تائين پهچائيندا. احسن اقبال چيو ته ا??ان اڄ تائين ڪشمڪش جا شڪار آهيون ته تعليمي نظام اردو ميڊيم هئڻ گهرجي يا انگلش ميڊيم، منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته ا??ان کي ٻنهي ٻولين ۾ ذهين ٻار گهرجن، عالمي طور تي به ا??ان کي ٻارن کي تيار ڪرڻو آهي، اردو ان لاءِ ضروري آهي ته ٻار صرف رٽو نه لڳائين پر سوچ ۽ فڪر ??ان نصاب کي سمجهن، مان اميد ٿو ڪريان ته اوهان سڀ ماهر ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ا??ان جي مدد ڪندا. احسن اقبال چيو ته اڄ ا??ان کي جنهن سولائزيشن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان جو بنيادي ڪارڻ ان سوچ جو آهي جنه?? کان ا??ان تمام پري ٿي چڪا آهيون، قرآن مجيد ڪيئي ڀيرا هن ڪائنات کي مطالعي ڪرڻ لاءِ چيو، ان ۾ عقل ۽ بصيرت وارن لاءِ نشانيون آهن، ا??ان مسلمان جي حيثيت ??ان ان بنيادي تعلي?? کي ڇڏي ڏنو ۽ غير مسلمانن ان کي اختيار ڪري ورتو. هن چيو ته الله تعاليٰ چيو آهي ته سج ۽ چنڊ اوهان لاءِ مسخر ڪيا ان تي چين، روس ۽ آمريڪا عمل ڪيو ۽ مسلمانن ڇڏي ڏنو. وفاقي وزير چيو ته نصاب ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي هئڻ گهرجي، ٻارن کي صحيح رستن تي هلڻ جو طريقو، سول رائٽس جي حوالي ??ان معاشري ۾ رهڻ جي اصولن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، ٻارن ۾ شهريت جي اصولن ۽ معاشري ۾ عدم برداشت کي ختم ڪرڻ جون صلاحيتن پيدا ڪرڻ ضروري آهي، اڄ جي دؤر جو سڀ کان وڏو چئلينج غلط ڄاڻ آهي، ان غلط ڄاڻ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ا??ان کي هوشيار ذهنن کي ان قابل بڻائڻو آهي ته اهي سُٺي ۽ بُري جي تميز ڪري سگهن. احسن اقبال چيو ته اڄ سياست کي به سوشل ميڊيا ڊرامو بڻائي ڇڏيو آهي، ا??ان کي پنهنجن ٻارن ۾ حقيقت پسندي جو شعور پيدا ڪرڻ آهي، چين پنهنجن ٻارن کي سيکاري ڇڏيو آهي ته ملڪ جي ترقي جو راز استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ امن ۾ آهي، ا??ان ک?? اڄ جي دؤر جي سمورن چئلينجز لاءِ ٻارن جي ذهنن کي تيار ڪرڻو آهي. ا??ان جي پوري ڪوشش آهي ته هڪ اهڙو نصاب آڻيون جيڪو ڄاڻ ??ان معاشري جي سمورن هاڪاري رُخن جو احاطو ڪري، استادن جي تربيت لاءِ به ا??ان کي هڪ اهڙو ادارو بڻائڻو آهي جيڪو دنيا لاءِ رول ماڊل هجي، ا??ان کي پنهنجي امتحاني نظا?? کي دُرست ڪرڻو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اوهان سڀني جي سهڪار ??ان ا??ان هڪ اهڙو نصاب بڻائڻ ۾ ڪامياب وينداسين جيڪو معاشري جي سمورن رُخن جو احاطو ڪندو جيڪو نوجوان نسل کي هاڪاري سوچ ??ان گڏ اڳيان وڌڻ جو سبق ڏيندو. ا??ان جي ملڪ جي 40 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي، جن جي عمر 14 سال?? کان گهٽ آهن. احسن اقبال چيو ته ڊجيٽل تعلي?? کي هٿي ڏيڻي آهي ته جيئن ڪوبه ٻار پوئتي نه رهجي، مستقبل کي سنوارڻ لاءِ موجوده تعليمي نصاب جو جائزو وٺي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي کي ان ۾ شامل ڪرڻو پوندو.