اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته لشڪر ڪشي بدران پارليامينٽ ۾ مسئلا اٿارڻ بهترين طريقو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ ٻين ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي هن چيو ته رولز آف بزنس تحت پارلياماني سيڪريٽري وزير جي غير موجودگي ۾ ??وا??ن جا جواب ڏئي سگهن ٿا. اسان سخت محنت سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ خدشا حڪومت تائين پهچائيندا??ين. هن چيو ته لشڪر ڪشي بدران پارليامينٽ ۾ مسئلا اٿارڻ بهترين طريقو آهي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئون ماهر معاشيات ته ناهيان پر ڪجهه شين کي درست ڪرڻ ضروري آهي. پي ٽي آءِ جي دور ۾ اسٽيٽ ب??نڪ کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا، مهانگائي گهٽ ٿي آهي ته ان جي نتيجي ۾ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، تنقيد ڪرڻ گهرجي پر سٺن قدمن جي واکاڻ به ڪرڻ گهرج??. ه?? چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري آئي آهي، وزيراعظم روزانو ٻه ٽي اجلاس سيڙپڪاري ۽ معيشت جي حوالي سان ڪري رهيو آهي، اسٽيٽ ب??نڪ ڪالهه جيڪي انگ اکر جاري ڪيا آهن ان سان حڪومت جي پاليسين ۽ ڪارڪردگي جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ان کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان چيو ته حڪومت جي دعوائن جي ابتڙ ناڻي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي نه اچي رهي آهي، هن چيو ته روينيو ۾ اوسر گهٽ ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۾ توازن رکڻ لاءِ امپورٽ تي پابندي آه??. ه?? چيو ته اسان جا هزارين ڪارڪن جيلن ۾ آهن، اسان جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن تي ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. هن چيو ته خورشيد شاهه جي صدارت ۾ خصوصي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ اسان جي ميمبرن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃ??. ه?? چيو ته هن 5 ??وا?? ۽ هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو هو پ?? ان کي ايجنڊا تي نه آندو ويو آهي. سيد نويد قمر اعتراض واري نقطي تي چيو ته ??وا??ن واري وقفي دوران ڪنهن به وزير ڪنهن ??وا?? جو جواب ناهي ڏنو، پارلياماني سيڪريٽري سهولتن ۽ آساني لاءِ ته بهتر آهي تنهن هوندي به اها بنيادي ذميواري وزير جي آهي ته هو ??وا??ن جا جواب ڏي. ان معاملي تي چيئر جي رولنگ اچڻ گهرجي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته چيئر طرفان ان تي ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي، اسان ان معاملي تي وزيراعظم کي خط به لکندا??ين.