اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پ??ڪس??ان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجل??س دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي توانائي واري وزير دلبر جمعه جيڪو پ??ڪس??ان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن ۾ شرڪت جي لاءِ پ??ڪس??ان جي دوري تي آهي، ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس پ??ڪس??ان ۾ ڀليڪار چوندي پ??ڪس??ان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجل??س دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پنهنجي تاجڪستان جي دوري ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمان سان رياض ۽ باڪو ۾ پنهنجي تازين ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم تاجڪ صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان جو صدر جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. تاجڪستان جي وزير پ??ڪس??ان ۾ استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطي جا ٻيا منصوبي پڻ بحث هيٺ آيا. ڌري?? مواصلات خاص طور تي زميني رابطن، توانائي، تعليم، زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سيڙپڪاري ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن و??رو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.