اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پائيدار صنعتي ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي، جنهن سان روزگار ۾ واڌ ۽ هر شعبي ۾ ان جا مثبت اثر پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ملٽي نيشنل ڪمپني سي سي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪريم ياهي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بزنس کي هٿي ڏيڻ سميت سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وفاقي و??ير چيو ته 24 ڪ??وڙ جي آباديءَ جي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، جنهن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. وفاقي و??ير چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ بزنس جون وڌ??ڪ سهو??تو?? ڏئي رهيا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سرمايو لڳائيندڙن کي عملي طور سازگار ماحول ۽ پُرڪشش سهولتن جو احساس هجي. وفاقي و??ير وڌ??ڪ چيو ته حڪومت جي هاڪاري قدمن سان ناڻي و??ڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي، ان سان نه صرف مستقبل ۾ ڪاروبار وڌ??دو پر سالياني اؤسر واري شرح ۾ به بهتري ايندي. وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ اسان کي انهن جي ڪاروباري رجحان کي سامهون رکڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جا ڪاروباري ادارا دل جي ويجهو آهن انهن سان خاص تعاون کي يقيني بڻائينداسين. هن ڪريم ياهي جي ترڪيه سان وابستگيءَ کي ساراهيندي کيس پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.