اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفا??ي گهرو وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. گهرو وزير، مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس صح?? جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ مل?? جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪي پي ڪي خاص ڪر?? ڪر?? ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ مولانا فضل الرحم??ن امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته ڪر?? ۾ امن جي قيام لاءِ سمورين ڌُرين کي اعتماد ۾ ورتو آهي، ڪجهه ڌُريون ڄاڻي واڻي ڪر?? معاملن کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتريءَ لاءِ گرينڊ جرڳي جي مخلصفاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان پُراڻي نيازمندي آهي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان جو هاڪاري ڪردار تعريف جوڳو آهي.