چلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت ب??تس??ان خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت ب??تس??ان سميت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي ره?? آهي، پن بجلي جي پيداوار سان نه رڳو ماحول تي منفي اثر ??وندا پر ملڪ ۾ سستي بجي پيدا ٿيندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نوڪرين جا نوا?? موقعا پيدا ٿيندا. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن گلگت ب??تس??ان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪن ٿيون جيڪي اڳتي وڌڻ جو سوچين ٿيون، مشڪل فيصلا ڪن ٿيون، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن ٿيون، انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪاري ڪن ٿيون. هن چيو ته انصاف جي فراهمي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن تي ڌيان ڏيندڙ قومون ترقي جون منزلون طئي ڪن ٿيون ۽ اهي ظلم کان آزاد ٿي وڃن ٿيون.