اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين سا?? پاڪستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته هر آزمائش تي پورو لهندڙ تزويراتي تعاون تي ٻڌل اسان جي حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، چين جي بنيادي قومي مفادن جي سلسلي ۾ پاڪتسان ان جي حمايت جاري رکندو، عوامي جمهوريه چين جي 71 هين سا??گرهه جي موقعي تي چيني وزيراعظم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پي??ام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هو حڪومت پاڪستان، عوا?? ۽ ??نهنجي پاران دل جي گهراين سا?? مبارڪباد پيش ڪري ٿو، هن چيو ته پهرين آڪٽوبر 1949ع تي نئين چين جي قيام تاريخ ۾ يادگار حيثيت رکندڙ آهي، چين ڪميونسٽ پارٽي جي زير قيادت اعتدال پسند، خوشحال معاشري جا هدف حاصل ڪرڻ ??اء?? تيار آهي، وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪ چين ٻه طرفا لاڳاپا سدائين مستحڪم رهيا، پاڪ چين ٻه طرفي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيدار مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن