بلوچستان حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ هندو برادري جي تهوار ”ڏياري“ جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان

image

ڪوئيٽا-30 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي ملازمت، عام نظم و نسق واري کاتي مان جاري هڪ پڌرائي مطابق بلوچستان حڪومت سڄي صوبي ۾ هندو برادري جو تهوار ”ڏياري“ جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ هندو برادري سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن لاءِ 31 آڪٽوبر کان 2 نومبر 2024ع تائين عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. بلوچستان جي ناڻي کاتي ان سلسلي ۾ هندو برادري جي سرڪاري ملازمن لاءِ 24 آڪٽوبر 2024ع تي ئي پگهار جاري ڪري ڇڏي هئي.

مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون