اُڏار پاڪستان منصوبو معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي: احسن اقبال

image

اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پنج ساله ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، منصوبي جو مقصد جديد معيشت وارا سڌارا ۽ ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي ذريعي پاڪستان کي مالي خودمختياري طرف وٺي وڃڻ آهي. اهڙو اطهار هن ڪالهه ”اُڏام پاڪستان“ جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ جامع سڌارن ۽ قدمن تي ٻَڌل آهي. هن امن امان، سياسي ۽ معاشرتي استحڪام ۽ مسلسل سڌارن واري عمل ذريعي ترقيءَ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاليسين جي هم اهنگي ۽ مستقل مزاجي اهم عمل آهن ته جيئن ترقياتي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو معيشت کي مضبوط بنائڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي 2047ع تائين 3 کرب ڊالرن جي معيشت ۽ 2030ع تائين دنيا جي ٽاپ 20 معيشتن ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي، روانگي واپار ۾ ميڊ اِن پاڪستان شين جي روانگي واپار تي ڌيان ڏنو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي کي معيشت جو حصو بڻائڻ ۽ ”ٽيڪنو معيشت“ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته زراعت جي ميدان ۾ هڪ هزار زرعي ماهرن کي چين ۾ تربيت ڏيڻي آهي، معدنيات جي شعبن ۾ بلوچستان جا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ قدمن تي خاص توجهه ڏني ويندي. هن چيو ته بليو اڪانومي ۾ فشنگ ۽ سامونڊي وسيلن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، ثقافتي صنعت، تخليقي ۽ ثقافتي شعبن جي ترقي به شامل آهن. هن چيو ته نجي شعبي جي ڀرپور سپورٽ فراهم ڪنداسين، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران اُماڻيل ناڻي ذريعي حصو وِجهڻ جي ترغيب ڏني وئي. احسن اقبال ايڪسچينج ريٽ جي استحڪام کي ملڪي معيشت لاءِ مُک قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جو ڀاڙڻ روانگي واپار ۾ واڌ تي آهي. هن چيو ته روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ـ ميڊيا ذريعي هڪ قومي تحريڪ هلائڻ تي زور ڀريو ته جيئن نوجوان نسل ۾ روانگي واپار جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ”اُڏام پاڪستان“ منصوبو هڪ جامع حڪمت عملي آهي جيڪا معيشت جي مختلف رُخن کي گڏائي پائيدار ترقي جي راهه هموار ڪندو، هي منصوبو روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ مجموعي معاشي استحڪام لاءِ هڪ واضح لائحه عمل فراهم ڪري ٿو.

مضمون کا ماخذ : apostas quina