اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مڇ جو دل ڏکوئيندڙ واقعو انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي، ٻاهريون دشمن پاڪ??تا?? کي عدم استحڪام پهچائڻ چاهي ٿو ۽ مسلسل حملا ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها به آهي ته اهڙين حالتن ۾ ٻئي طرف عوام ج?? رد ڪيل سياسي عنصر شعوري يا غيرشعوري طور تي انهن ٻاهرئين حملي آورن جو هٿيار بڻجي ملڪ جي اندر افراتفري ۽ ا??تش??ر پکيڙي رهيا آهن.