ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته ملڪ ۾ سائنسي تعليم جي اشد ضرورت آهي. اسان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت اهڙو اظهار يونيورسٽي جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هوڊسن يونيورسٽي کي سليم حبيب يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته ملڪ ۾ آن لائين تعليم کي وڌ??ڪ مربوط بنائڻ گهرجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي جي راهه تي هلندو. هن چي?? ته اسان افرادي ??وت ٺاهي ورتي ته قومن جي برادري ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چي?? ته پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن کي ڌار ڪيو پيو وڃي?? اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم معاشري جي تقسيم کي ختم ڪيو. هن چي?? ته سليم حبيب يونيورسٽي ۾ ميرٽ کي خاص اهميت حاصل آهي.