اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ تعليم جو فروغ ملڪ جي ترقي جي وسيلو آهي، صوبن جي مشاورت سان تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي جو پڪو ارا??و آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزي?? شفقت محمود ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس بر??ءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، هايئر اي??وڪيشن ڪميشن جي وقتي چيئرمين انجنيئر فاروق بزائي، ايڇ اي سي ??ي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، نياٽيل جي چيئرمين راشد خان، ٽيلي تعليم جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ جي ل??ءِ ايڇ اي سي کي گهربل وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي ??ي استعمال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.