اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد، اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين، قانون واري وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد ب??جوه، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ڊي جي ايم او ميجر جنرل نعمان ذڪريا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ۽ سينئر سول ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملڪ ۾ امان امان جي صورتحال جو جائزو وٺندي خاص طور تي پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ سروي آف پاڪستان 2021ع کي استعمال ۾ آڻيندي سرحدي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بين الصوبائي سرحدي ڪميٽي قائم ڪر?? جو فيصلو ڪي?? ويو ان کانسواءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ علائقي جي سول ۽ پوليس انتظاميه کي به وڌيڪ مضبوط بڻائ?? جو فيصلو ڪي?? ويو. اجلاس ڊيره غازي خان ۽ راجن پور جي گهٽ ترقي يافته علائقن خاص طور تي انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ، پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ صوبي جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ لاءِ پنج سالا جامع سماجي ۽ اقتصادي ترقيات?? منصوبي جي به اصول?? منظوري ڏني. نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺندي اجلاس هيستائين جي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪي?? ۽ پلان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ موجوده دور جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي جاسوسي، تخريبڪاري ۽ سائبر سيڪيورٽي جي چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ لاءِ اپ ڊيٽ ڪر?? جو فيصلو ڪي??. وزيراعظم اندروني ۽ ٻاهرين ٻنهي چئلينجز ک?? منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوج، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين، سول آرمڊ فور??ز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مسلسل ڪوششن ۽ قربانين کي ساراهيو.