اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي ??داري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم ??وراڪ واري عالمي ??داري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي ??التن ۾ عالمي ??نساني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري عالمي ??داري جي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان خوراڪ واري عالمي ??داري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي ??داري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم ??فغانستان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي ??رادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ?? ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري عالمي ??داري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پاڪستان جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستان جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي وزيراعظم ??ان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.