اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ان ??رطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغانستان ۾ ٿيندڙ تاز?? اڳڀرائي سميت ٻطرفن معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران ??ان ??رطانوي وزيراعظم بورس جانسن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان ??و موقف پيش ڪيو. وزيراعظم پ??ڪستان ۽ خطي جي استحڪام لاءِ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان ??ي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، امن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ عوامي هجرت کي روڪڻ لازمي آهي. ان ??لسلي ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته ع??لمي برادري کي افغان ??وام سان گڏ بيهڻ گهرجي، مثبت رابطا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ پرامن، مستحڪم ۽ سمورن گروپن تي ٻڌل سياست کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم افغانستان ??ي اندر ۽ ٻاهر موجود ”سپوائلر“ جي ڪردار جي حوالي سان ??بردار ڪندي چيو ته اهي صورتحال کي خراب ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن سينيئر ڪشمير?? اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت کي وارثن کان لڪائڻ جي ڀارت جي غيرانساني رويي بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم عمران ??ان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ پراڻن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم پ??ڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان ??ان ٻٽي شهريت رکندڙ شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ عالمي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.