اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم بجلي جي بلن جي باقاعدگي سان ادائيگي ڪندڙ صارفين کي لوڊشيڊنگ جي وقت کان بچائڻ لاءِ توانائي ڊويزن کي هدايت ڪئي اه?? ته اهڙين گرڊ اسٽيشنن ۾ جتي وصولين جو تناسب گهٽ آهي اتي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻين ته جي??ن باقاعدگي سان ادائيگي ڪندڙ صارفين کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، ڊاڪٽر فهميده مرزا، اسد عمر، شوڪت فياض ترين، ڊاڪٽر فروغ نسيم، چوڌري فواد حسين، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، خاص معاون طابش گوهر، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ، بلوچستان جي بين الصوبائي رابطن واري وزير عمر جمالي، نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي ۽ سينيئر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا آفيسر شريڪ ٿيا. توانائي ڊويزن اجلاس کي بجلي جي پيداواري اضافي جي منصوبابندي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اها منصوبابندي 10 ??ال?? جي لاءِ ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ هر سال طلب ۽ پهچ موجب انهن ڪارٿن جو جائزوورتو وڃي ٿو ۽ ضرورتن مجب حڪمت عملي ۾ ضروري تبديليون ڪيون وڃن ٿيون. ان پلان جو مقصد توانائي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ ۽ صارفين کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ آهي. توانائي ڊويزن آگاهه ڪيو ته ان ڏس م سمورن صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم بجلي جي بلن جي باقاعدگي سان ادائيگي ڪندڙ صارفين کي لوڊشيڊنگ جي وقت کان بچائڻ جي لاءِ توانائي ڊويزن کي هدايت ڪئ?? ته اها اهڙين گرڊ اسٽيشنن ۾ جتي وصولين جو تناسب گهٽ آهي اتي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻ?? ته جي??ن باقاعدگي سان بلز ادا ڪندڙ صارفين کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته آئي جي سيپ جو بنيادي مقصد توانائي جي شعبي ۾ مستقبل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ آه?? ته جيئن ضرورت موجب بجلي جي پيداوار کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ عوام کي گهٽ قيمت تي بجلي فراهم ڪري سگهجي. هن ان ??ال??ه تي زور ڏنو ته حڪومت بجلي جي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ جي طريقيڪار ۾ سڌارا آڻي رهي آه?? ته جيئن ان نظام کي موثر بڻائي سگه??ي. ??ڏيل مفادنو اري ڪائونسل تجويز ڪيل آئي جي سيپ ڪاٿن جي منظوري ڏني. ڪائونسل پن بجلي کي قابل تجديد توانائي جي هدفن ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪائونسل توانائي ڊويزن کي هدايت ڪئ?? ته ”وهيلنگ“ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃ?? ته جيئن ان کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.