اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ت?? اهي ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻيهر ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ حڪومت جو ??اٿ ڏين ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪن. ??ما??ڪ پايو، زندگيون بچايو“ جي هيش ٽيگ سان وزيراعظم خيرخواهه – هڪ ٻئي جا خيرخواهه جي ٽائٽل سان هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ عوام کي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندي معمول جا ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته وبا جي ٻيهر ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ حڪومت جو ??اٿ ڏيو، ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏيو ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪريو. هن لکيو ته خير نال ج?? ۽ ??ير نال آ، ائين بڻجو هڪ ٻئي جا خيرخواهه.