ڪراچي – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻه?? کي برابر موقعا ڏيڻ جي لاءِ خاص قدمن جي ضر??رت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جو انتهائي اهم حصو آهن، اکين کان محروم ٻار ٽيڪنالاجي ذريعي ٻارن ٻارن وانگر متحرڪ ٿي سگهن ٿا، اکين جي نو?? کان محروم گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عالمي اداري ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، تعليمي ادارن ۽ استاد?? کي اکين کان محروم ٻارن جي تربيت جي ذميواري کڻڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن اکين کان محروم شاگردن جي لاءِ فٽ بال اسٽيڊيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جو انتهائي اهم حصو آهن، زبان کانسواءِ پڻ ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي اسان جا جذبا ۽ احساس هڪ ٻئي تائين پهچائين ٿيون. منهنجي اها ڪوشش رهي آهي ته خصوصي ماڻه?? کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اسا?? کي خصوصي ماڻه?? کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ پاليسيون جوڙڻيون پونديون ۽ ان حوالي سان هر اسڪول ۾ ٽيچر ٽريننگ جي پڻ ضر??رت آهي، اڄ جي جديد دور ۾ دنيا ۾ اهڙا اوزار موجود آهن جن جي ذريعي توهان معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا، سمارٽ فون جي ذريعي ڪتاب توهان جي مطالعي هيٺ اچي سگهن ٿا. هن چيو ته اکين کان محروم ماڻهو جيڪڏهن ڏسي نه ٿا سگهن پر اهڙا ماڻهو ڀرپور صلاحيتن سان مالامال هوندا آهن. صدر ان ڏس ۾ مثال ڏيندي يچو ته گڏيل قومن ۾ اکين کان محروم پاڪستاني نمائندي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ بريل سان پڙهي بهترين تقرير ڪئي، گذريل سال انهي جي ڀاءُ کي جيڪو هڪ جج آهي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو هو. پر انه?? کي عدالت کان مئجسٽريٽ ۽ جج طور فرض سرانجام ڏيڻ جي لاءِ فيصلو وٺڻو پيو هو، اها معاشري جي مزاحمت آهي جنه?? کي اسا?? کي ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان ذهين ترين خصوصي ماڻهن جي بهترين صلاحيتن جو مشاهدو ڪيو آهي، آمريڪا ۾ نيوڪليئر فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پاڪستاني عاقل سجاد پڻ اکين کان محروم آهي. هن چيو ته هاڻي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ رڳو بريل جي ضر??رت نه آهي پر ان لاءِ ٽيڪنالاجي جي به ضر??رت آهي، جنهن جي بنياد تي اکين کان محروم ڪو به ٻار ٻين ٻارن وانگر متحرڪ ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته اکين کان محروم ماڻهن جو ڪراچي ۾ هڪ خصوصي مرڪز آهي جنهن جو انتظام اکين کان محروم ماڻهو ئي هلائي رهيا آهن، اهڙي قسم جا ڪم ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضر??رت آهي. ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ جڏهن اکين کان محروم ماڻه?? کي نوڪري ڏني وئي ته انهن ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر انداز ۾ فرض سرانجام ڏنا، ڪيترائي شعبا اهڙا آهن جن ۾ اهي بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا. عالمي طور تي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان سروي ڪئي وئي ته انهن ۾ انگ اکرن 14 کان 15 سيڪڙو آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ اٽڪ ۽ نصيرآباد ۾ سروي ڪئي وئي، اتي به اهي ئي انگ اکر آيا آهن. احساس پروگرام تحت پڻ اکين کان محروم ماڻهن جي نشاندهي جي لاءِ سروي ڪئي ويندي. موجوده حڪومت احساس پروگرام تحت خصوصي ماڻهن جي لاءِ معاونت سان گڏوگڏ 20 لک ماڻهن جي لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪيو آهي جنهن جي ذريعي انه?? کي ماهوار 2 هزار رپيا تاحيات ملندا. رجسٽرڊ خصوصي ماڻهن جو انگ رڳو 3 لک هو، ضر??رت ان ڳالهه جي اهي ته سمورن خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي ۽ نادرا جي ذريعي انهن جي رجسٽريش?? کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ سال ۾ رجسٽرڊ خصوصي ماڻهن جو انگ ساڍا چار کان پنج لک تائين پهچي ويو آهي. صدر چيو ته تعليم واري وزارت سان گڏجي خصوصي ماڻهن جي تعليم جو انتظام پڻ ڪيو پيو وڃي. خصوصي ماڻهن جي لاءِ عمارتن ۾ داخلا جي لاءِ ريمپ ٺاهڻ جي ضر??رت آهي. سمورين بئنڪن، ڪمرشل مارڪيٽن سميت نئين تعميرات ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ريمپ جي تعمير لازمي قرار ڏني وئي آهي. معاشري ۾ عورتن جي هر شعبي ۾ شموليت وانگر خصوصي ماڻه?? کي پڻ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضر??رت آهي. اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ هر ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا خصوصي ماڻهن جي اعليٰ تعليم تائين هر قسم جي پهچ جو جائزو وٺندي. اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ خصوصي ماڻهن کان ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ رهائش جا ٻيا خرچ وصول نه ڪيا ويندا. انٽرميڊيئٽ کانپوءِ سمورا صوبا اها سهولت ڏئي رهيا آهن، نوڪرين ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مقرر آهي ان تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، خصوصي ماڻه?? کي نوڪرين جي حوالي سان هنرمندي جي تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي انساني زندگي کي تمام آسان بڻائي ڇڏيو آهي، خصوصي ماڻهو به ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ اهي عالمي پروگرامن ۾ حصو وٺي مناسب آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ مختلف اهڙيون ايپس به موجود آهن جن مان فائدو کڻي خصوصي ماڻهو معاشري ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا. سمورن پاڪستانين جي ذميواري آهي ته ڪو به شخص محرومي جو شڪار نه رهي. هن چيو ته ڪوويڊ، زلزلي، ٻوڏ، لڏپلاڻ سميت ڀلي ڪهڙيون به حالتون هجن پاڪستاني دل کولي مدد ڪن ٿا، اهڙي طرح معاشري جي محروم طبق?? کي پڻ گڏ کڻي هلڻ سان صحتمند معاشري کي فروغ ملندو. خصوصي ماڻه?? کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون، اسا?? کي انهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ انه?? کي معاشري ۾ ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.