اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جي لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ حڪومت احساس اسڪالرشپ ۽ ڪامياب جوان جهڙن منصوب?? جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن نوجوان بهترين تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي اهتمام هيٺ فيصل مسجد ڪئمپس ۾ هفتيوار ڪاروباري مهم جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهي?? هو. ان 7 ڏينهن واري ايونٽ ۾ ورڪشاپس، انڊسٽري ۽ شاگرد?? جي وچ ۾ خيال?? جي ڏي وٺ جي ويهڪن سميت تخليقي اشتهار?? جي مقابلن ۽ ڪاروباري منصوب?? جي مقابلن جو اهتمام ڪيو وي?? هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب رکيا ويا آهن جڏه?? ته ان ڏس ۾ 25 هزار قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي 10 لک کان اڍائي ڪروڙ جا قرض ڏنا پيا وڃ?? ته جيئن بهترين ڪاروباري عورتون ۽ مرد پيدا ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي ۽ اڪنامڪ زونز سميت احساس اسڪالرشپس جاري ڪيون ويون آه?? ته جيئن اعليٰ تعليم جي سهولت کان ڪير به محروم نه رهي. هن چيو ته اسلامي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو جذبو، خيال ۽ پراجيڪٽس ڏسي دلي خوشي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي شڪست جي خوف کي ذهن مان ڪڍي ڇڏي?? ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪ?? ته اهو ڏينهن پري نه آهي ته هن ملڪ کي ترقي جي منزل تائين پهچائي سگهجي.