اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون، اها ڳالهه هن عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، عمان ۾ پاڪستان جو سفير ايمبيسڊر ڪي ڪي احسن وگن سميت پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسرن به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سلطن?? عمان جي سلطان هيثم بن طارق السعيد جي قيادت کي ساراهيو، پرڏيهي وزير انجنيئر ريڌا جمعه محمد علي الصالح کي بطور چيئرمين او سي سي آءِ عمان مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، عرب ملڪن ۾ عمان نه رڳو جاگرافيائي طور تي پر ثقافت ۽ زبان جي لحاظ کان به پاڪستان جي ويجهو آهي، مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو ته پاڪستاني قيادت جو ويزن معاشي تحفظ جي چوڌري آهي، پاڪستان، جيو اڪنامڪ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو ته پرڏيهي وزارت اقتصادي سيڙپڪاري جي ذريعي معاشي استحڪام لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي، 220 ملين جي آبادي تي ٻڌل معيشت هجڻ جي ناطي پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪاري لا??ِ ڪاروبار ڪرڻ ۽ منافعو ڪمائڻ جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پا?? عمان انويسٽمينٽ ڪمپني 2001ع ۾ سلطان قابوس جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ قائم ڪئي وئ?? هئي، جيڪا اڄ به پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي بنيادي ٿنڀ جي طور تي ڪم ڪندي آهي. پرڏيهي وزير پا?? عمان جوائنٽ بزنس ڪائونسل کي فعال بڻائڻ جي ضرروت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن جي سي سي جي جنرل سيڪريٽري نائف بن فلاح الحجراف سان گڏ اسان جي ملاقات تمام گهڻي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ لا??ِ هڪ گڏيل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻنه?? چيمبرز جي وچ ۾ ڪاروباري شخصيتن جي اجلاسن جي انعقاد ۽ عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي پاڪستان ۾ واپاري نمائشن ۾ شرڪت جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان قومي ۽ عل??ئق??ئي ترقي لا??ِ شين جي سنگم تي پنهنجي جاگرافيائي اقتصادي بيهڪ مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، اسان پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون. شاهه محمود قريش?? چيو ته پاڪستان سياحت ۽ واپار جي فروغ لا??ِ آن لا??ين ويزا سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ج?? چيئرمين پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪند?? چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي ماپي ۾ اضافي لا??ِ عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.