اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي تجربي مان فائدو کڻڻ ج?? پوري ڪوشش ڪري رهيا ??هيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ڊي اي جي تجويز ڪيل عالمي معيار جي ها??وس??گ منصوبي، اوورسيز انڪليو اسلام آباد بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي معاشي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا ??هيون. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اسان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ۽ آمدن?? وڌائڻ ج?? لاءِ انهن جي مهارت ۽ خدمتن مان فائدو کڻڻ ج?? ڪوشش ڪري رهيا ??هيون. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي اسلام آباد ۾ هڪ اهم جڳهه تي اٽڪل 6000 اپارٽمينٽس جو ڪلسٽر تيار ڪرڻ ج?? منصوبو ٺاهي رهي آهي جتي اٽڪل 35000 ماڻهن کي عالمي معيار جي رهائش جي سهولت حاصل ٿيندي، اهو منصوبو مڪل طور تي پائيدار ۽ انتهائي محفوظ هوندو ۽ سمورن سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪارن کي پرڪشش واڪ جي سهولت حاصل هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان تجويز ڪيل ها??وس??گ اپارٽمينٽس جي اعليٰ معيار جي تعمير، تيز رفتار پڄاڻي ۽ مسابقتي قيمتن جي تعين کي يقيني بڻائين ته جيئن سمنڊ پار پاڪستانين پاران انهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي اوورسيز واري خاص معاون سيد طارق محمود الحسن، نئون پاڪستان ها??وس??گ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سي اي او اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي عمران امين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.