اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهردين ملاقات ڪئي. اها ملاقات اسلامي تعاون تنظيم جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري دوري جو ??والو ڏنو ۽ دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو ??طهار ڪيو، وزيراعظم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزيراعظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙ??ڪا??ي جي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي جامع طور تي بهتر بڻائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌندڙ رابطن کي به اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ ج?? وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، وزيراعظم افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي زور ڏنو. علائقائي خوشحالي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.