اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيا جي سمورن ملڪن کان به??ر ڪم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح اسان ڪورونا جي وبائ?? مرض کي منهن ڏنو ان جي لاءِ آئون پنهنجي حڪومت کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪورونا بحر??ن دوران ڏکڻ ا??شيا جي سمورن ملڪن کان به??ر ڪم ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته عالمي بئنڪ 22 – 2020ع جي سائوٿ ايشيا انڊيڪس ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ سڀ کان گهٽ بيروزگاري جي شرح سان ٻين ڏکڻ ا??شيائي ملڪن کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي. عالمي بئنڪ جي انگن اکرن موجب 2002ع کان 2022ع ۾ ڏکڻ ا??شيا ۾ بيروزگاري جي سڀ کان گهٽ شرح پاڪستان ۾ 4.3 سيڪڙو رهي جڏهن ته ان جي ابتڙ ڀارت ۾ ??ن دوران بيروزگاري جي شرح سيڪڙو، مالديپ ۾ 8.3 سيڪڙو، بنگلاديش ۾ 5.4 سيڪڙو، ڀوٽان ۾ 5 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ 5.9 سيڪڙو ۽ نيپال ۾ 4.7 سيڪڙو رهي.