اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملتان سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر نديم قريشي، جاويد اختر انصاري ۽ تحريڪ انصاف جو ميمبر ملڪ عدنان ڊوگر شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي عوامي ميڙ امر بالمعروف ??ي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏ??ي ۽ ملتان ۾ جاري ??رقياتي منصوبن، ??کڻ پنجاب پئڪيج ۽ نئون پاڪستان صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي ج?? جاري ??رقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.